21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جي وڏن فلمي ستارن تي مداحن طرفان ووٽ جو حق ادا نه ڪرڻ تي سخت تنقيد

Critically criticized the fans of the vote by fans on Pakistan's biggest movie starsڪراچي(شوبز نيوز) 2018 جي عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي، قوم جي حيثيت اسان سڀني جو ووٽ اهم آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي ناليوارن ستارا خانگي ٽي وي چينل جي ايوارڊ تقريب جي سلسلي ۾ ملڪ کان ٻاهر آهن جنهن تي سندن مداحن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي. هن وقت پاڪستان جا ڪجهه وڏا شوبز ستارا ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو جي دوري تي آهن، جن ۾ اداڪارا ماهرا خان، بشريٰ انصاري، ياسر حسين، سجل علي، ميڪال ذوالفقار راڳي عاطف اسلم ۽ ٻيا شامل آهن. اتي ئي شوبز ستارن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجن پيغامن ۽ ڪجهه تصويرون پڻ شيئر ڪيون. سپر اسٽار ماهرا خان گذريل ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي هن وقت ملڪ ۾ موجود نه هئڻ ۽ ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. ماهرا خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان جيترو هن وقت پاڪستان ۾ موجود ٿيڻ چاهيان ٿي، پر بدقسمتي سان ائين نٿو ٿي سگهي، مون وٽ پنهنجي ڪم کي ملتوي ڪرڻ جو ڪو به رستو نه هو، ڇو ته ڪيترائي مهينا اڳ منهنجو شيڊول تيار ٿي چڪو هو، مان ذاتي طور تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر افسوس سان هن سال ووٽ نه ڏئي سگهنديس. پر ان باوجود هن پنهنجي مداحن تي زور ڏنو آهي ته هو ووٽ ضرور ڪاسٽ ڪن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن سال پاڪستان اُها تبديلي نظر ايندي جنهن جو سڀني کي بي صبري سان انتظار آهي. جيتوڻيڪ ماهرا خان ان پوسٽ تي تبصرا بند ڪري ڇڏيا هئا، پر مداحن طرفان سندس پٽ اذلان جي ترڪي مان شيئر ڪيل تصوير کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ماهرا ملڪ بجائي ايوارڊ تقريب کي ترجيح ڏني آهي جيتوڻيڪ هو اڄ جيڪا ڪجهه به آهي  اهو ملڪ جري ڪري آهي، هي سندس ترجيحاتن جو امتحان آهي. جڏهن ته هڪ واهپيدار ته سندس پوسٽ تي لڳايل پرائيويسي تي تنقيد ڪندي لکيو ته جيڪڏهن واقعي به سچ ڳالهائي رهيا آهيو ته پوءِ تبصري واري سيڪشن کي آف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. پاڪستان جو ناليوارو راڳي عاطف اسلم پڻ ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي مداحن طرفان ڪاوڙ کي منهن ڏئي رهيو آهي. راڳي جڏهن ايئرپورٽ جي تصوير شيئر ڪئي ته سندس چاهيندڙن چيو ته اسان کي تمام گهڻي مايوسي ٿي، توهان کي شهرت پاڪستان کان ملي آهي پر جڏهن قوم کي توهان جي ضرورت هئي تڏهن توهان ايوارڊ تقريب سبب ملڪ ۾ موجود ناهيو. اداڪارا حريم فاروق پڻ هن وقت ٽورنٽو ۾ موجود آهي ۽ ان مان به مداح ووٽ جو حق ادا نه ڪرڻ تي مايوس آهن. اداڪارا جي تصوير تي هڪ عورت واهپيدار تبصرو ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو حب الوطني جون ڳالهيون ڪندا آهن، ان ۾ انهن جو رڳو ذاتي مفاد هوندو آهي. جيڪڏهن هو(اداڪارا) ۽ ٻيا ستارا جيڪي اڄ ٽورنٽو ۾ ايوارڊ تقريب لاءِ موجود آهن انڪار ڪن ها ته هو پنهنجي ملڪ ۾ هجن ها، پر ڪو به ايترو سطحي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهڙي طرح سجل علي، بشريٰ انصاري، ميڪال، ذوالفقار، ياسر حسين ۽ ٻين شوبز ستارا پڻ ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ تي مداحن طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے