25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

صوابي ۾ اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

Jihad killed one, injuring 4 in AAI and PTI-i-workers in Swabiصوابي (ويب ڊيسڪ)صوابي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. اين اي 19 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 47 ۾ ووٽنگ دوران اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران اي اين پي جي ڪارڪنن فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جو هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو. فائرنگ جو واقعو پولنگ اسٽيشن ڪرنل شير ڪلي تي ٿيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا 4 ڪارڪن زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن تي سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري پهچي ۽ صورتحال تي ضابطو آندو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي سيٽ جي اميدوار عثمان ترڪئي ۽صوبائي اميدوار شهرام ترڪئي به پهچي ڄاڻ حاصل ڪئي.پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته فائرنگ اي اين پي اميدوار امير رحماني ڪئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني اسٽارٽ اپ عالمي ايوارڊ کٽي ورتو

شنگهائي (ويب ڊيسڪ) صحت بابت پاڪستاني اسٽارٽ اپ ”مرهم“ شنگهائي ۾ ٿيندڙ گوگل ڊيمو ڊي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے