26 اربع , سيپٽمبر 2018

ماهرا خان ووٽ ڪاسٽ نه ڪندڙ فنڪارن ۾ شامل

Mahira Khan:Voting included in cast-off artistsٽورنٽو(شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور شخصيتون هن وقت ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران موجود ناهن، ۽ اداڪارا ماهرا خان به انهن مان هڪ آهي. اداڪارا ماهرا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي هن وقت ملڪ ۾ موجود نه هئڻ ۽ ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. ماهرا خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان جيترو هن وقت پاڪستان ۾ موجود ٿيڻ چاهيان ٿي، پر بدقسمتي سان ائين نٿو ٿي سگهي، مون وٽ پنهنجي ڪم کي ملتوي ڪرڻ جو ڪو به رستو نه هو، ڇو ته ڪيترائي مهينا اڳ منهنجو شيڊول تيار ٿي چڪو هو، مان ذاتي طور تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر افسوس سان هن سال ووٽ نه ڏئي سگهنديس. پر ان باوجود هن پنهنجي مداحن تي زور ڏنو آهي ته هو ووٽ ضرور ڪاسٽ ڪن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن سال پاڪستان اُها تبديلي نظر ايندي جنهن جو سڀني کي بي صبري سان انتظار آهي. ياد رهي ته اداڪار ۽ راڳي فرحان سعيد هڪ ٽوئيٽ ذريعي چونڊ دوران پاڪستان کان ٻاهر ويندڙ فنڪارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪيترائي مشهور فنڪار هن وقت ٽورنٽو ۾ هم ايوارڊز جي تيارين لاءِ موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے