25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اهي فلمي ستارا جن ووٽ ڏئي پنهنجي قومي فرض پورو ڪري ڇڏيو

The movie stars voted for their national duty

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان فلم انڊسٽري سدائين ملڪ جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جڏهن ڳالهه هجي عام  چونڊن جي  ته پوءِ  ملڪي ستارا ڪيئن پٺتي رهندا، اهو ئي سبب آهي جو ملڪي فلم انڊسٽري جون مشهور شخصيتون  به پاڪستان لاءِ پنهنجو قيمتي ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيون آهن. اچو ته ڏسون هن وقت تائين ڪهڙي ڪهڙي سليبرٽي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.  ماضي جي مشهور اداڪارا ليليٰ زبيري پڻ قومي فرض ادا ڪيو ۽ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد تصوير سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي.اداڪارا مايا علي پڻ عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو ۽ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پاڪستان  ٽيلي وزن انڊسٽري جو وڏو نالو اداڪارا ثمينا پيرزادا به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو. پاڪستان جي ناليواري ڊايزائنر نومي انصاري پڻ ووٽ ڏئي انسٽاگرام تي تصوير شئير ڪئي ۽ سڀني کي عام چونڊن واري ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون. اداڪارا عروا حسين پڻ ووٽ ڪاسٽ اڱوٺي تي لڳل نشان واري تصوير شيئر ڪئي ۽ سڀ کي پاڪستان جي لاءِ ووٽ ڏيڻ جو چيو. ماورا حسين ووٽ ڏيڻ لاءِ خاص طور تي گادي واري شهر اسلام آباد رواني ٿي، جتي هن جو ووٽ رجسٽرڊ آهي ۽ ووٽ ڏيڻ لاءِ  هن آڱوٺي تي نشان لڳل تصوير مداحن سان شيئر ڪئي. اداڪار ۽ ماڊل عدنان ملڪ ڪراچي جي تڪ اين اي 247 ۽ پي ايس 111 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جنهن لاءِ هو  صبح 8 هين وڳي پولنگ اسٽيشن پهچي ويو هو. بلال عباس خان پڻ ووٽ ڏئي پنهنجو قومي فرض پورو ڪيو ۽ پنهنجي تصوير مداحن سان شيئر ڪئي. اداڪار ۽ راڳي بلال خان ووٽ ڏئي پاڪستان جي جهنڊي سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ سڀني کي آگاهه ڪيو ته سخت گرمي ۾ هن پنهنجي ذميداري پوري ڪري ڇڏي آهي. هن درخواست ڪئي ته ٻاهر نڪرو ۽ ووٽ ڏيو، پرواهه نه ڪيو ته گرمي آهي اُٻ آهي يا ڊگهيون قطارون آهن ڇو ته اهو موقعو پنجن ورهين ۾ رڳو هڪ دفعو ايندو آهي. ان کانسواءِ هن پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته هو هاڻ ٽورنٽو لاءِ روانو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عظيم فاسٽ بالر وسيم اڪرم پڻ پنهنجي امڙ سان گڏ ووٽ ڏنو ۽ چيو ته ووٽ حق ۽ اعزاز آهي ٻاهر نڪرو ۽ ووٽ ضرور ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Outside Bhattarai Parrors in Narthur Nazimabad, Vawan Gum, the Abuse of Abduction by Heritage

ڪراچي: نارٿ ناظم آباد ۾ بيوٽي پارلر ٻاهران ڪنوار گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ بيوٽي پارلر ٻاهران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے