22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آمريڪا تيل برآمد روڪي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ايران

US Oil will provide full response to export export: Iranتهران(ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني تيل جي برآمد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو برابري جي سطح تي جواب ڏنو ويندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بهرام قاسم چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي طرفان پابندين جي حوالي سان سنجيدا قدم کنيا ويا ته تهران به ان جو برابر ۽ ڀرپور جواب ڏيندو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو هو ته هو آمريڪا خلاف سخت زبان  استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن نه ته ايران کي ان جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. آمريڪا ايران سان طئي ٿيل جوهري معاهدي کان ڌار ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ ايران مٿان پابنديون بحال ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ايراني تيل جي برآمد کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني فوج جي سربراهه محمد بغيري چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ڌمڪيون جاري رهيون ته ايران واشنگٽن کي سخت جواب ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے