25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شيائومي اينڊرائيڊ ون پروگرام جا 2 سمارٽ فون متعارف

Introduction to shiyomi mobile Android One-Program 2 Smartphoneڪراچي(ويب ڊيسڪ)شيائومي گوگل اينڊرائيڊ ون پروگرام لاءِ 2 سمارت فون مي اي 2 ۽ مي اي 2 لائٽ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. اينڊرائيڊ ون پروگرام بنيادي طور تي گهٽ فيچرن واري فونن لاءِ پيش ڪيو ويو هو پر مي اي 2 مڊ رينج فون ۾ اسٽاف اينڊرائيڊ 8.1 آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي. گذريل سال جي مي اي 1 جيان جيڪا رڳو چين ۾ دستياب هئي مي فائيو ايڪس تي ٻڌل هئي، مي اي 2 پڻ هارڊ وئير جي لحاظ کان مي 6 ايڪسن جهڙي آهي.ٻنهي فونن ۾ 6 انچ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جيڪو 18:9 ريشو سان گڏ آهي. اسنيپ ڊراگون 660 پراسيسر، 12 ۽ 20 ميگا پڪسل جي ڊوئل رئير ڪيمرا، 20 ميگا پڪسل سليفي ڪيمرا، چارچنگ لاءِ يو ايس بي سي ۽ 300ايم اي ايچ بيٽري نمايان فيچر آهن. مي اي 2 ۾ 32 کان 128 جي بي اسٽوريج ۽ 4 کان سڪس جي بي ريم ڏني وئي آهي. ان جي مقابلي ۾ مي اي 2 لائٽ ننڍو ۽ سستو ورزن آهي جنهن ۾ 5.84 انچ جي ڊسپلي آئي فون ايڪس جهڙي نوچ سان گڏ ڏنو ويو آهي. ان ۾ اسنيپ ڊراگون 625 پراسيسر موجود آهي جڏهن بيڪ تي 12 ۽ 15 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي. سيلفي لاءِ 5 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ۽ مائيڪرو يو ايس بي چارچنگ ڪيبل ڏني وئي آهي. ان فون ۾ 64 جي بي اسٽوريج ۽ 4 جي بي ريم ڏني وئي آهي. مي اي 2 سڀ کان پهريان اسپين ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 249 يورو(37 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل قيمت 279 يورو(لڳ ڀڳ 42 هزار رپيا) ۽ سڪس جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 349 يورو(52 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ هوندي. مي اي 2 لائٽ جو ٿري جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ورزن 179 يورو(26 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته فور جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 229 يورو(34 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ۾ دستياب هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Most of the videos are watching videos on YouTube?

يوٽيوب تي واهپيدار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون ويڊيوز ڏسي رهيا آهن؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي ويڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب واهپيدارن لاءِ مواد دريافت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے