26 اربع , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن کي شڪايتون ملڻ شروع

General Elections: Election Commission starts complaining اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018  جي عام چونڊون جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي شڪايتون ملڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن کي پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 53 تان پهرين شڪايت وصول ٿي، شڪايت لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر کي اماڻي وئي آهي. شڪايت ڪندڙ موجب عورتن ۽ مردن جي گڏيل پولنگ اسٽيشن تي رڳو هڪ پرزائيڊنگ آفيسر موجود آهي.لوڌران جي تڪ اين اي 161 ۽ پي پي 227 جي پولنگ اسٽيشنز جو عملو پهچي نه سگهيو، پولنگ ٻاهريان موجود ووٽرن پولنگ اسٽيشن عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.جيڪب آباد جي 251 واري تڪ جي پولنگ اسٽيشن جي سامان ۾ مس نه هجڻ واري شڪايت به اليڪشن ڪميشن کي ڏني وئي. فيصل آباد جي اين اي 110 جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ وارو عمل مقرر وقت ٿي شروع نه ٿي سگهيو.فيصل آباد اين اي 114 تي پولنگ عملو پهچي نه سگهيو، جنهن سبب اتي ووٽنگ وارو عمل شروع ناهي ٿي سگهيو. فيصل آباد جي اين اي 110 جي پولنگ اسٽيشنن 145، 146 ۽ 147 تي به پولنگ عملو ناهي پهتو، جنهنڪري اتي ووٽنگ وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو، جنهنڪري ووٽرن جو ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن. مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڪلاڪ دوران 45 شڪايتون وصول ٿيون آهن. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ مان وصول ڪيون ويون، جن جو انگ 27 آهي، جڏهن ته بلوچستان مان هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن کي ڪا شڪايت وصول ناهي ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے