20 خميس , سيپٽمبر 2018

ٽانيا مرزا نسلي متڀيد جو نشانو بڻجندڙ جرمن فٽبالر جي حمايت ڪري ڇڏي

Sania Mirza, supported by a German-based footballer, was in a contemporary formنئي دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائوندڙ شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا جرمني نسلي متڀيد جو نشانو بڻجندڙ فٽبالر ميسوٽ اوزيل جي حمايت ڪري ڇڏي. ثانيا مرزا چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ نسل پرستي کي قبول نٿو ڪري سگهجي، مونکي هڪ ايٿليٽ هئڻ ڪري اوزيل جي جرمن فٽبال ٽيم تان ريٽائرمنٽ جي حوالي سان پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿيو. ياد رهي ته اوزيل سوشل ميڊيا تي عالمي فٽبال تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندي چيو هو ته کيس ترڪي سان اباڻي تعلق ۽ مسلمان هئڻ سبب لاڳيتو نسلي متڀيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو رويو هاڻ هن لاءِ قابل قبول ناهي انڪري هو عالمي فٽبال تان رٽائر ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے