21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سچن ٽنڊولڪر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني جي حمايت ڪري ڇڏي

Sachin Tandulkar supported former Indian captain MS Shoniممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي حمايت ڪري ڇڏي. ٽنڊولڪر چيو آهي ته ريٽائرمنٽ ڪڏهن وٺڻي آهي، ان جو اختيار پليئروٽ هئڻ گهرجي، ڌوني ڪافي عرصي کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي کيس اها ڄاڻ آهي ته هن مان ٽيم کي ڪيتريون اميدون آهن ۽ هو پاڻ ڪٿي بيٺو آهي، انڪري بهتر اهو ئي آهي ته کيس پاڻ کي ئي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي.واضح رهي ته ڀارتي مداحن ڌوني کي انگلينڊ خلاف ون ڊي سريز ۾ سست بيٽنگ ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن کان عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے