23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان پيش ڪيل فيض احمد فيض جو نظم” هم ڀي ديکينگي“ ڇائنجي ويو

Faiz Ahmed Faiz's presentation offered by the Kook Studios was also "We Are Dying"ڪراچي(شوبز نيوز) 2018 جي عام چونڊن کان اڳ رت گرمائڻ لاءِ ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 جي البم جو گيت” هم ديکينگي“ ريليز ڪري ڇڏيو، جيڪو ريليز ٿيندي ڇائنجي ويو آهي. صوفي، پاپ، ڪلاسيڪل ۽ ثقافت جي رنگن سان سينگاريل گيت جي ذريعي پوري قوم کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان هڪ قوم، هڪ جذبو ۽ هڪ آواز آهيون. ”هم ديکينگي“ اردو ٻولي جي عظيم شاعر فيض احمد فيض جو نظم آهي جنهن ۾ انقلابي ۽ تبديلي جو عزم شامل آهي. پروڊيوسر زوهيب قاضي ۽ علي حمزا جي پيشڪش ۾ ان  گيت کي پروفيسر اسرار ڪمپوز ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪنڊ جي ثقافتي موسيقي کي واضح ڏيکاريو ويو آهي، يعني اهو گيت سنڌ، بلوچستان، ڪشمير، پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ ٻين علائقن جي راويتي آواز جو شاهڪار آهي. ”هم ديکينگي“ ۾ عابدا پروين، عطاءَ الله عيسيٰ خيلوي، حميرا ارشد، جواد احمد، ابرار الحق، علي سيٺي، مومنه مستحسن، شجاع حيدر ۽ ٻين جو آواز شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جي ڳائڻي آرمينا ۽ آريانا سميت وشنو، شمبوٻائي، مشعال خواجا، منگل، شايان ۽ دريهان پڻ پنهنجي سُرن جو جادو جاڳايو آهي. سدائين جيان هن دفعي به ڪجهه نون فنڪارن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ ڊبيو ڪيو آهي جن ۾ اداڪار احد رضا مير ۽ نتاشا بيگ نمايان آهن. ان گيت ۾ مشهور قوال فريد اياز ۽ ابو محمد جي آواز ۾ قوالي جا به خوبصورت رنگ شامل ڪيا ويا آهن. ”هم ديکينگي“ ۾ مختلف بينڊن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي جن ۾ خماريان، ڪولاچي، لياري انڊر گرائونڊ، دي اسڪيچز، معل فنڪ، چاند تارا ۽ ڪيسٽرا شامل آهن. سڀ کان اهم ڳالهه هن گيت ۾ خلق خدا جي اهميت بيان ڪندي کدڙن فقيرن کي پڻ پيش ڪيوويو آهي، جيڪي ٻڌائي رهيا آهن ته سڀ برابر آهن.  هن  گيت کي پاڪستان جي هر ڪميونٽي، هر علائقي  طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان هڪ آواز آهيون، هڪ قوم آهيون. واضح رهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن جي باقاعدا شروعات 10 آگسٽ کان ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے