20 خميس , سيپٽمبر 2018

چونڊ مهم ختم: دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ 3 اميدوارن سميت 185 ڄڻا شهيد ٿيا

Election campaign ends: 185 incidents including 3 candidates, were killed in different incidents of terrorismڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾دهشتگردي جي خلاف آپريشن ۽ ڪاروائين سان امن امان جي گڏيل صورتحال تمام گهڻو بهتر ٿي پر هلندڙ سال جي چونڊ مهم جي هڪ مهيني دوران ٻن صوبن ۾ آپگهاتي حملن، بم ڌماڪن ۽ فائرنگ سميت 13 پُرتشدد ڪاروائين ۾ 3 اميدوارن سميت لڳ ڀڳ 185 انساني جانين جو نقصان ٿيو جڏهن ته 350 زخمي ٿيا. جڏهن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور سميت پنجاب  ۽ سنڌ محفوظ رهيا. ياد رهي ته سال 2013 جي چونڊ مهم دوران هڪ مهيني دوران مختلف علائقن ۾ بم ڌماڪن، آپگهاتي حملن ۽ دهشتگردي جا 100 کان وڌيڪ وڏن واقعن ۾ 300 کان وڌيڪ شهري شهيد جڏهن ته 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. هلندڙ سال چونڊ مهم سڀ وڌيڪ دل ڏکائيندڙ واقعو 14 جولائي تي پيش آيو جڏهن ته بلوچستان جي صوبائي اسمبلي جي تڪ پي بي 35 ۾ مستونگ جي علائقي درين ڳڙهه ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار نوابزادا سراج رئيساڻي جي چونڊ جسلي ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملي ۾ هن وقت تائين 154 ڄڻا شهيد جڏهن ته 200 زخمين مان ڪيترائي اڃان تائين اسپتالن ۾ داخل آهن. گذريل 10 ورهين دوران ڪنهن چونڊ جلسي ۾ پنهنجي نوعيت جو هي وڏو آپگهاتي بم ڌماڪو هو. 10 جولائي تي پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ ڪي پي ڪي اسمبلي جي تڪ پي ڪي 78 تان عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار هارون بشير بلور جي چونڊ جلسي ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ هارون بلور سميت گڏيل طور تي 22 ڄڻا شهيد جڏهن ته 65 زخمي ٿيا هئا.22 جولائي تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي نوري دربار ڀرسان چونڊ مهم دوران ڪلاچي تان پي ڪي 99 تان پي ٽي آءِ  جي نامزد اميدوار ۽ زراعت جي اڳوڻي صوبائي وزير سردار اڪرام الله خان گنڊاپور کي آپگهاتي حملي ۾ ٻن ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو هو جڏهن ته واقعي ۾ 5 ڪارڪن زخمي پڻ ٿيا هئا. ساڳي ئي ڏينهن اين اي 35 ۽ پي ڪي 90 تان متحدا مجلس عمل جي اميدوار اڪرم خان دراني تي بسيه خيل ۾ قاتلاڻو حملو ڪيوويو، پر بلٽ پروف گاڏي هئڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ويجهي ماضي ۾ اڪرم دراني تي اهو ڇهون قاتلاڻو حملو هو. واضح رهي ته 16 جولائي تي پڻ اڪرم خان دراني جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي بم ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 5 ڄڻا شهيد جڏهن 4 پوليس اهلڪار ۽ ٻن عورتن سميت 35 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے