19 اربع , سيپٽمبر 2018

سلمان خان ۽ پريانڪا چوپڙا دنيا جي بااثر شخصيتن ۾ شامل

Salman Khan and Parians include Chopras in the world's influential personalitiesممبئي(شوبز نيوز) آمريڪي ميگزين طرفان جاري ڪيل فهرست موجب سڄي دنيا جي 500 بااثر بزنس ليڊرن ۾ باليووڊ جي سلطان سلمان خان ۽ اداڪارا پريانڪا چوپڙا به شامل. مشهور آمريڪي ميگزين ورائٽي هر سال انٽرٽينمنٽ انڊسٽري سان لاڳاپيل سڄي دنيا جي 500 بااثر ڪاروباري ماڻهن جي فهرست جاري ڪندي آهي. ويجهڙائي ۾ ورائٽي طرفان سڄي دنيا جي 500 بااثر بزنس ليڊرن جي فهرست جاري ڪئي وئي جنهن ۾ باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان، اڳوڻي سونهن راڻي اداڪارا پرينڪا چوپڙا، ناليوارو باليووڊ هدايتڪار ۽ پرڊيوسر ڪرن جوهر، يش راج فلمز جي مالڪ پروڊيوسر آديتا چوپڙا ۽ ايڪتا ڪپور سميت 12 ڀارتي شامل آهن.  سلمان خان  بابت ورائٽي ميگزين جو چوڻ آهي ته سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ عامر خان اهي ٽئي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان باليووڊ باڪس آفيس تي راڄ ڪندا اچن پيا. جڏهن ڀارت جي 10 سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلمن ۾ سلمان خان جون ٽه فلمون شامل آهن. ٻئي پاسي پريانڪا چوپڙا انجينيئرنگ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جي خواهشمند هئي پر 2000 ۾ مس ورلڊ جو تاج کٽڻ بعد سندس زندگي بدلجي وئي. واضح رهي ته فهرست ۾ ٽاپ  پوزيشن تي والٽ ڊزني ڪمپني جي چيئرمين ۽ سي اي او رابرٽ ايگر نالو  آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

It has come to time that all the powers of the world should be given to women: Nawazuddin Siddiqui

وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سمورا اختيار عورتن حوالي ڪيا وڃن: نواز الدين صديقي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے