19 اربع , سيپٽمبر 2018

يونان جي گادي واري شهر ايٿنز جي جهنگ ۾ باهه، 24 ڄڻا فوت

Fine, twenty-four dead in the wildlife of the Greek city of Athensايٿنز(ويب ڊيسڪ) يونان جي گادي واري شهر ايٿنز ڀرسان جهنگ ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه آبادي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت، 100 ڄڻا زخمي ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب باهه ايٿنز جي چوڌاري لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽرن تائين پکڙجي چڪي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 100 جي لڳ ڀڳ گهر ۽ 200 کان وڌيڪ ڪارون سڙي چڪيون آهن. سڀ کان وڌيڪ نقصان رفينا شهر ۾ ٿيو جتي 3 ڄڻا باهه جي لپيٽ ۾ اچي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا. 300 فائر فائٽر، 5 جهاز ۽ 2 هيلي ڪاپٽر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن. جڏهن ته يوناني فائر بريگيڊ جي ترجمان موجب باهه تمام گهڻي رقبي تي پکڙيل هئڻ سبب يورپي ملڪن کان مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي مقامي آبادي جو محفوظ هنڌن  ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The man arrested in the outskirts of masjid nabawi, arrested

مسجد نبويءَ جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار

مدينو شريف( ويب ڊيسڪ ) مسجد نبويءَ صعلم جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے