25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس پاران سينيئر اداڪارا بابرا شريف جي ملڪيت تي قبضو جو نوٽيس

The notice on the property of senior actor Babra Sharif was given by Chief Justiceلاهور(شوبز نيوز) چيف جسٽس آف پاڪستان  مشهور اداڪارا بابرا شريف جي ملڪيت تي قبضي جي الزام جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ ملڪيت تي قائم عمارت جو ڪرايو ادا نه ڪرڻ تي مقامي سوناري غلام علي زاهد کي 25 جولائي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار بابرا شريف جي درخواست تي نوٽيس وٺي ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مقامي سوناري سندس ملڪيت ڪرائي تي حاصل ڪئي پر هاڻ ڪرايو ادا نه پيو ڪيو وڃي. بابرا شريف موجب انصاف لاءِ مختلف  فارم سان رابطو ڪيو آهي پر اڃان تائين ٻڌڻي ناهي ٿي سگهي. چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو ته ماتحت عدالت پڻ ڪرايو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته پر ان باوجود ادائيگي نه پئي ڪئي وڃي. بابرا شريف چيف جسٽس آف پاڪستان کي استدعا ڪئي آهي ته ساڻس انصاف ڪندي سندس ملڪيت واپس ڪرائي وڃي. بابرا شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس آف پاڪستان جا ٿورا مڃيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے