23 آچر , سيپٽمبر 2018

گند ڪچرو صاف ڪيو، شٻر پوکيو ۽ ڊپريشن مان ڇٽڪارو حاصل ڪيو

Clean the odd cucumber, get rid of stew pot and depressionفلاڊلفيا(ويب ڊيسڪ)فطر منظرن ۽ شٻر پنهنجي اندر ۾ زبردست شفائي قوت رکندا آهن. جيڪڏهن خالي جاين تي گند ڪچرو صاف ڪري اتي وڻڪاري ۽ شٻر پوکي وڃي ته ان سان اتي رهندڙ ماڻهن جي ڊپريشن ۾ گهٽتائي ايندي آهي، ۽ انهن جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو آهي.شٻر ۽ ذهني صحت جي وچ ۾ تعلق جي حوالي سان ٿيندڙ پنهنجي نوعيت جي اها پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ آمريڪي شهر فلاڊيلفيا جي غريب ۽ پٺتي پيل علائقي ۾ موجود گند ڪچري وارن هنڌن کي شٻر ۾ تبديل ڪيوويو  هتان جي رهندڙ ان تي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن، ڌڪ ۽ نشي جي عادت کي اسان ڪيترن ئي پاسن کان ڏسندا آهيون پر ڪڏهن جتي اهڙا مريض رهندا آهن ان جاءِ تي غور ويچار ناهي ڪيو. اها تحقيق جمعي تي آمريڪن ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي جرنل ۾ شائع ٿي هئي. جنهن ۾ ۾ فلاڊيلفيا جي انهن 541 هنڌ کي نوٽ ڪيوويو جي خالي هئا ۽ گند ڪچري سان ڀريل هئا ۽ ان جي آس پاس ماڻهن جي راهائش هئي. انهن مان هڪ حصي کي صاف ڪري وڻ ۽ گاهه پوکيو ويو، جڏهن ته ٻئي حصي کي رڳو صاف ڪيو ويو جڏهن هڪ حصي  کي ساڳي طرح گند ڪچري سان ڀرپور ڇڏيو ويو. پوءِ سال 2011 کان 2014 جي ٽن ورهين تائين يونيورسٽي آف پنسلوانيا جي ماهرن انهن هنڌن تي رهندڙ 342 ڄڻن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کان جذباتي ڪيفيتن مثال طور خوشي يا ڏک جي حوالي سان سوال ڪيا. ان سان اهو پتو پيو ته جن علائقن ۾ خالي هنڌن  کي صاف ڪري وڻڪاري ڪئي وئي اتي ماڻهو پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مطمئن نظر آيا ۽ ڊپريشن جي شرح ۾ 40 سڪيڙو تائين گهٽتائي آئي. جڏهن غريب علائقن جي عوام ۾ ڊپريشن 70 سيڪڙو گهٽ نظر آيو. اهڙي طرح نااميدي ۽ ٻين منفي خيالن ۾ پڻ گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي. ماهرن چيو آهي ته فطرت سان ڀرپور سرسبز هنڌن ڀرسان رهڻ سان دماغي ۽ نفسياتي صحت تي تمام سٺا اثر پوندا آهن جڏهن ته گند ڪچري واري جاين تي رهائش نفسياتي طور سخت متاثر ڪندي آهي. ان سروي ۾ سان هڪ اهم ڳالهه اها سامهون آئي جنهن هڪ حصي واري علائقي ۾ بنا ڪنهن هٿ لاهڻ تي گند ڪچري واري حالت ۾ ڇڏيو ويو ته جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي ۽ ڊپريشن ۾ معمولي گهٽتائي ٿي جيڪا نه هئڻ جي برابر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صوف ۽ ڪيلي جو جوس استعمال ڪيو

رت جي کوٽ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو هر 10 مان 8 ماڻهن کي هوندو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے