19 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊ، چونڊ هئڻ گهرجي، جنگ جو ميدان نه…

چونڊ هڪ صحتمند سرگرمي آهي، جنهن کي صحتمند سرگرميءَ تائين ئي محدود رکڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ اليڪشنون جنگ جو ميدان، وير پاڙڻ ۽ بدلا وٺڻ جو ڄڻ ته موقعو بڻجي ويون آهن. دنيا جي سڌريل سماجن ۾ آئين ۽ قانون موجب عام چونڊون هڪ معمول جي صحتمند سرگرمي هجن ٿيون. اتي سياسي جماعتن جي ۽ انهن جي نامزد اميدوارن جي چونڊ مهم به هلندي رهندي آهي ته سماج جو ۽ سرڪار جو معمول جو ڪاروهنوار به اتي ايئن قطعي ناهي هوندو ته اليڪشن هجي ته سڀ ڪم ڪار ڇڏي صرف اليڪشن کي جنبي وڃجي ۽ ان کي جنگ جو ميدان بڻائي ڳالهه مرڻ مارائڻ تائين وڃي پڄائجي.

اسان جي ملڪ ۾ هر اليڪشن ڄڻ ته خونريزي واري اليڪشن ثابت ٿي آهي، رتوڇاڻ واري اليڪشن ثابت ٿي آهي، ڏاڍي جي ڪمزور کي سبق سيکارڻ جي اليڪشن ثابت ٿي آهي ۽ ضمير جي آواز تحت ووٽ جو حق استعمال ڪندڙن لاءِ رستا روڪ جي اليڪشن ثابت ٿي آهي.

هڪ ۾ جيڪا عالمي صورتحال آهي ۽ ان جي پسمنظر ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڏهاڪن کان وٺي جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون وينديون رهيون آهن، تن جي نتيجي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي لعنت جي وڪڙ ۾ هيءُ ملڪ اڳي ئي آيل هو، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ڪري پشاور، بنون ۽ مستونگ ۾ دهشتگرديءَ جا خوفناڪ واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن ۾ هارون بلور کان ويندي سراج ريئساڻي ۽ اڪرام گنڊاپور تائين ڪيئي اميدوار به ته سوين معصوم ماڻهو به پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، جتي دهستگردي ناهي اتي وري هڪ ٻئي جي سياسي مخالفت کي برداشت نه ڪرڻ جهڙا رويا وڌي چوٽ چڙهيا آهن ۽ انهن روين جي نتيجي ۾ ئي پير ڳوٺ جهڙا واقعا پيش اچن ٿا.

پير ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن ٻن سياسي ڌرين جي ماڻهن ۾ جهيڙي کان پوءِ هڪ قيمتي انساني زندگي ضايع ٿي وئي آهي ۽ ڪيئي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ان کان اڳ 2013ع جي عام چونڊن ۾ به خيرپور ضلعي جي درازن واري علائقي ۾ انهن ئي ٻنهي سياسي ڌرين جي جهيڙي جي نتيجي ۾ ڪيئي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون هيون، سو ماضيءَ جي تجربي جي لحاظ کان چونڊن جي حوالي سان خيرپور انتهائي حساس ضلعو هو، جنهن ۾ اهڙي قسم جا انتظام هئڻ گهرجن ها، جيئن اهڙو واقعو پيش نه اچي ها. نه رڳو خيرپور پر ڪراچيءَ ۾ به جهيڙن جهٽن جا ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا پيش آيا آهن، اهي واقعا بهترين انتظامن جي صورت ۾ روڪي سگهجن ها پر اهڙا انتظام ڏسڻ ۾ نه آيا.

چونڊن ۾ سياسي جماعتون ۽ اميدوار ان ڪري حصو وٺندا آهن ته جيئن سوڀارا ٿي حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت ڪري سگهن، ان ڪري ئي سياست کي عبادت جو نالو ڏنو ويو آهي پر اسان وٽ جيڪو ماحول آهي، جهڙي قسم جي صورتحال آهي، تنهن ۾ ته لڳي ٿو ته سياست عبادت بدران بدلو وٺڻ، اختيار حاصل ڪري مخالفن کان وير وٺڻ جو ڄڻ ته وسيلو سمجهي وڃي ٿي.

اهڙا واقعا به مختلف هنڌن تي رپورٽ ٿيا آهن، جو اميدوارن ووٽ ڏيڻ جي صورت ۾ يا مخالف ڪيمپ ۾ بيٺل عام ماڻهن کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو آهي ته اليڪشن گذرڻ ڏيو پوءِ اوهان کي ڏسنداسين، جيڪا ڳالهه اميدوارن ۽ انهن لاءِ ووٽ وٺندڙن جي ذهني پسماندگي ظاهر ڪري ٿي. سياسي جماعتن کي ۽ انهن جي بيهاريل اميدوارن کي توڙي انهن اميدوارن لاءِ ووٽ وٺندڙن کي دريا دل ۽ وسيع ذهن هجڻ گهرجي، منجهن ايتري برداشت هئڻ گهرجي جو جي ڪو ووٽر گذريل پنجن سالن ۾ سندس ڪو به ڪم نه ٿيڻ جي ڀري محفل ۾ ڪا کڻي شڪايت به ڪري ٿو ته ان کي تحمل سان ٻڌي ان کي سُر وارو جواب ڏئي مطمئن ڪجي نه ڪي ڏاڙهيون ڏيکارجن. اسان وٽ چونڊون ان وقت تائين صحتمند سرگرمي ٿي نه ٿيون سگهن جيستائين انهن کي اختيار ۽ طاقت حاصل ڪري مخالفن کي سبق سيکارڻ جو ذريعو سمجهڻ بدران عوام جي خدمت جو، سماج جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ جو ذريعو نه ٿو سمجهيو وڃي. اهو ان صورت ۾ ٿي سگهندو جڏهن سياسي جماعتون نظرياتي طور مضبوط هجن ۽ اهي جيڪي اميدوار بيهارن سي واقعي به اهڙا هجن جيڪي عوام جو سچ ٻڌي سگهڻ جي قوت رکندڙ به هجن ۽ سماج جي بنيادي مسئلن کان آگاهه به هجن ۽ انهن کي چونڊجڻ کان پوءِ حل ڪرڻ جو عزم به رکندا هجن.

هڪ ته مختلف تڪن تي مختلف سياسي جماعتن سان لاڳاپيل خاندانن جي به جيڪا هڪ هٽي آهي، تنهن به صورتحال کي خراب ڪري ۽ سماج کي بگاڙي ڇڏيو آهي، اڪثر سياسي خاندانن جو تعلق مٿين طبقي سان هجي ٿو، رعايت يافتا طبقي سان هجي ٿو، جنهن کي اشرافيا به چئجي ٿو، تنهن جي ذهني ڪيفيت بادشاهن جهڙي آهي، آقائن جهڙي آهي، اهو پاڻ کي آقا ۽ عام ماڻهوءَ کي عام ووٽر کي غلام سمجهي ٿو، اصل ۾ آقا ته اهو عام ووٽر آهي جيڪو پنهنجو ووٽ ڏئي ووٽ وٺندڙ انهن غلامن کي پنهنجو آقا بڻائي ٿو، جيڪي چونڊجڻ بعد حڪومت ۾ اچڻ بعد اختيار حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي اصليت وڃائي ويهن ٿا، ان ماڻهوءَ جا جيڪي ووٽر اهن تن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن کي سوڙهو ڪن ٿا ۽ تنگ ڪن ٿا.

سياست ۾ ۽ عام چونڊن ۾ تشدد جي لاڙن جي حوصلاشڪني ڪرڻ ۽ برداشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سماج ۾ هر سطح تي سياسي جماعتن کي سياسي ڪارڪنن جي ۽ اڳواڻن جي سياسي تربيت ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

سياست وڏيرپ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کان مٿانهون درجو رکي ٿي، سو سياسي ڪارڪنن ۽ وڏيرن جي روپ ۾ ويٺل اڳواڻن کي سيکارڻ جي صورت آهي، سياست ۽ نظريو وڏيرپ کان تمام گهڻو مٿانهون هجي ٿو ۽ سياسي جماعتن جا بنياد ئي جيئن ته عام ماڻهوءَ ۾ کُتل هوندا آهن تنهن ڪري عام ماڻهوءَ کي ڪمزور سمجهي ان تي چڙهت ڪرڻ وارو رويو سياسي جماعتن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن کان هر صورت ۾ ۽ هر حال ۾ پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڱارو 24 جولاءِ 2018ع، 10 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے