19 اربع , سيپٽمبر 2018

عورت عملو پولنگ اسٽيشن تي رات نه گذاريندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عورت عملي کي چونڊ رات پولنگ اسٽيشن تي گذارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ اي سي پي هدايت جاري ڪئي ته عورت عملو به چونڊ رات پولنگ اسٽيشن تي گذاريندو. سوشل ميڊيا تي معاملو اٿڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نئون هدايت نامو جاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب عورت پريزائڊنگ آفيسر ۽ ٻئي عورت عملي جو پولنگ اسٽيشن تي رات گذارڻ لازمي ناهي. اليڪشن ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته عورتن کي زبردستي روڪڻ جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي. عورتن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي 25 جولاءِ جي صبح 6 وڳي تائين پولنگ اسٽيشن تي پهچي وڃن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے