24 سومر , سيپٽمبر 2018

هڪ يا ٻه فيصلا اسان جي خدشن جو ازالو نٿا ڪري سگهن: پرويز رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته هڪ يا ٻه فيصلا اسان جي خدشن جو ازالو نٿا ڪري سگهن. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شيخ رشيد جي چونڊ ملتوي ٿيڻ خلاف درخواست رد ٿيڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پرويز رشيد چيو ته هڪ يا ٻه فيصلا اسان جي خدشن جو ازالو نٿا ڪري سگهن، جڏهن هڪ پارٽي سربراهه کان سربراهي جو عهدو کسيو وڃي، کيس، سندس ڌيءُ ۽ ناٺي کي جيل وڌو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ هي فيصلو اسان کي مطمئن نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي چونڊن لاءِ اها سهولت نه ڏني وئي، جيڪا ٻين پارٽين کي ڏني وئي، اهو رڳو مان نٿو چوان پر سڄي دنيا جي ميڊيا اها ڳالهه ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ 14 آڪٽوبر تي آهي، ڪاميابي اسان جي ٿيندي: شاهد خاقان عباسي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ننڍي چونڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے