26 اربع , سيپٽمبر 2018

طاهرا صفدر پاڪستان جي پهرين عورت چيف جسٽس نامزد

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جسٽس طاهرا صفدر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ايندڙ چيف جسٽس نامزد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ثاقب نثار چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ايندڙ چيف جسٽس عورت هوندي ۽ هاءِ ڪورٽ جي ايندڙ چيف جسٽس طاهرا صفدر هوندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عورت هوندي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو هاڻوڪو چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي 31 آگسٽ تي رٽائر ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ جسٽس طاهرا فصدر چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندي. طاهرا فصدر 5 آڪٽوبر 1957 ۾ ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿي ۽ هوءَ سيد امتياز حسين باقري حنفي جي ڌيءُ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Layer Scandal: arrested by Shoaib Shaikh, a close friend of Islamabad Islamabad

جعلي ڊگري اسڪينڊل: شعيب شيخ جو ويجهو ساٿي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ سزا يافته شعيب شيخ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے