21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چونڊ ملتوي ٿيڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست رد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس مجاهد مستقيم اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو. فيصلي کانپوءِ شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ چيو ته ان خلاف اسان سڀاڻي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته چونڊ جي حوالي سان اسان جي تياري مڪمل آهي. واضح رهي ته راولپنڊي جي تڪ اين اي 60 تان ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ شيخ رشيد ۾ مقابلو ٿيڻو هو پر ايفيڊرين ڪيس ۾ عدالت حنيف عباسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ان تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن کي شيخ رشيد لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ چئلينج ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے