23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ئي ناڪاري رجحان رهيو

stockMarkets, 600PointsInIndexڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ انڊيڪس 757 پوائنٽن جي گهٽتائي تي بند ٿيو. ملڪ ۾ چونڊن جي ماحول جو اثر ڪاروبار تي به پئجي رهيو آهي ۽ چونڊن کان اڳ سيڙپڪار غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ئي ناڪاري رجحان ڏٺو ويو. ڪاروبار جي شڙوعات تي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ 572 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي، جنهن سان انڊيڪس 40 هزار 678 تي رڪارڊ ڪيو ويو. ڏسندي ئي ڏسندي انڊيڪس ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي ۽ ٽريڊنگ دوران هنڊرڊ انڊيڪس 721 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 500 جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار دوران انڊيڪس وڌ کان وڌ 41 هزار 221 ۽ گهٽ کان گهٽ 40 هزار 418 جي سطح تي ويو. ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊرڊ انڊيڪس 757 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 463 تي بند ٿيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے