26 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪا گهڻي دير تائين ايراني ڌمڪيون برداشت نه ڪندو: ٽرمپ

America will not tolerate long-term Iranian fights: Trumpواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني صدر حسن روحاني کي خبردار ڪندي چيو  آهي ته هو ڪڏهن به آمريڪا کي ڌمڪي نه ڏئي، نه ته تهران کي ان جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ ئي ايراني صدر حسن روحاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي للڪاريندي چيو هو ته ”شينهن جي پڇ سان نه کيڏو ڇو ته ان سان توهان کي رڳو افسوس ئي ٿيندو.  حسن روحاني وڌيڪ چيو هوته ايران سان جنگ هر جنگ جي ماءُ آهي. ان سان گڏ ئي هن چيو هو ته هو ڪنهن کي به ڌمڪي ناهيان ڏئي رهيو پر ڪير کين ڌمڪائي نٿو سگهي.حسن روحاني جي ان بيان جي ردعمل ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ايراني صدر کي خبردار ڪندي چيو ته آمريڪا اهو ملڪ ناهي جيڪو ايران جي ڌمڪين کي گهڻي دير تائين برداشت ڪري، ايران محتاظ رهي نه ته  اهڙا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا جن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هوڏانهن آمريڪي صدر جي ان بيان تي ايراني پاسدارن انقلاب ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي نفسياتي جنگ قرار ڏئي ڇڏيو. پاسداران انقلاب جي سينيئر ڪمانڊر چيو آهي ته ايران دٻاءُ برداشت ڪري ويندو پر ڪڏهن پنهنجن انقلابي خيالن تان هٿ نه کڻندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي خلاف ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے