19 اربع , سيپٽمبر 2018

باقاعدگي سان مڇي کائو، ڊگهي ڄمار ماڻيو: تحقيق

Eat fish regularly, get long life: Researchواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ خوراڪ جا ماهر مڇي کي” سپر فوڊ“ قرار ڏئي هفتي ۾ ٽه ڀيرا مڇي واپرائڻ جو مشورو ڏيندا آهن پر هاڻ نئين تحقيق ۾ اهو پتو پيو آهي ته باقاعدگي سان مڇي واپرايندڙ عورتون ۽ مڙد ڊگهي عمر ماڻيندا آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته مڇي ڪيترن ئي بيمارين کي ختم ڪندي جسم کي بهترين حالت ۾ رکندي آهي. ماهرن ان لاءِ پنج لک عورتن ۽ مڙدن جو 16 سالن تائين مطالعو ڪيو ۽ ان بنياد تي چيو ويو آهي ته مڇيءَ  سان ڀرپور خوراڪ ڪيترن ئي بيمارين کي روڪڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندي آهي ۽ اهڙي طرح اڌ عمر وڌي سگهي ٿي. خاص روغني يا تيل واري مڇي ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊر تمام گهڻي مقدار موجود هوندي آهي جيڪو جسم لاءِ انتهائي فائديمند قرار ڏني وئي آهي. ان سان گڏ ئي مڇي ۾ فائديمند پروٽين، لحميات ۽ وٽامن پڻ موجود هوندا آهن. آمريڪا ۾ نيشنل انسٽيٽوٽ آف هيلٿ اينڊ اي اي آر پي ڊائٽ اينڊ هيلٿ اسٽڊي جي تحت خوراڪ ۽ انهن جي صحت خاص طور تي ڪينسر جي اثرن تي هڪ ڊگهو مطالعو ڪيوويو. ان ۾ 16 ورهين تائين 240،729 مڙدن ۽ 180، 580 عورتن جي خوراڪ جي معاملن، انهن جي بيمارين ۽ زندگي جي ڊيگهه تي غورويچار ڪيو ويو. ان تحقيق سان ڪيترائي اهم پاسا سامهون آيا جن جا تفصيل جرنل آف انٽرنل ميڊيسن ۾ شايع ٿيندا آهن. خلاصو اهو آهي ته مڇي واپرائڻ ۽ اوميگا ٿري جي استعمال ڪرڻ واري وقت کان اڳ موت جو خطرو گهٽ ٿي ويندو آهي، نتيجو اهو نڪتو آهي ته مڇي نه کائيندڙ مڙدن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مڇي کائيندڙ مڙدن ۾ موت جو خطرو 9 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. ان جا گڏيل طور ڪيترائي سبب آهن جن ۾ مان ڪجهه هيٺ ڏيجن ٿا.

*مڇي واپرائڻ  سان دل جي بيماري جي شرح ۾ 10 سيڪڙو گهتائي ايندي آهي

*ڪينسر جو خطرو 6 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي

* ساهه جي بيمارين جي شرح ۾ 20 سيڪڙو ۽ جگر جي بيمارين جي شرح ۾ 37 سيڪڙو گهٽتائي ايندي آهي

* ان کانسواءِ دماغي بيمارين ۽ الزائيمر کان بچڻ ۾ به مڇي اهم ڪردار ادا ڪندي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

2 تبصرو

  1. ارسلان سنديلو

    معدي جي مريضن کي ماريندئو ڇا اھڙو ڏس ڏئي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے