19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ فائرنگ، هڪ شخص قتل ۽ 14 ڄڻا زخمي

Firing in a Canadian city tournament, a person was killed and 14 injuredاوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ هٿياربند شخص جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته حملو ڪندڙ جوابدار پڻ مارجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽورنٽو ۾ آچر ڏينهن رات 10 هين وڳي هٿياربند شخص فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته حملو ڪندڙ جوابدار پڻ مارجي ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ هڪ نينگري پڻ شامل آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. مقامي پوليس موجب هٿياربند شخص واقعي ۾ ننڍي هٿ واري پسٽل جو استعمال ڪيو ۽ هن مرڻ کان اڳ پوليس تي به فائرنگ ڪئي. واقعي بعد پوليس ۽ ٻين ريسڪيو ادارن ٽورنٽو ۾ قائم فوڊ اسٽريٽ جي آس پاس مڪمل ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چين به آمريڪي شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين به آمريڪي شين تي 60 بلين ڊالر واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے