16 خميس , آگسٽ 2018

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم نبوت ترميم سان منهن جو ڪو به تعلق ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته منهنجي خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي ته ختم نبوت ترميم ۾ منهنجو حصو هو، ڊرامو چونڊن لاءِ ڪيو پيو وڃي، منهنجو اهڙي ترميم سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن کي شڪست نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري ڌانڌليءَ جو ڪوڙ ڪيو پيو وڃي، نواز شريف جي جيل وڃڻ سان مسلم ليگ ن همدردي حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته عوام 25 جولاءِ تي رڳو بيٽ تي ٺپو هڻندو، عوام مسلم ليگ ن کي رد ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے