26 اربع , سيپٽمبر 2018

اقرباپروري معاملو : عاليا ڀٽ به نيٺ چُپ جو روزو ٽوڙي ڇڏيو

Accurate transactions: Otherwise, the chip will break the nose in the middleممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي من موهڻي اداڪارا عاليا ڀٽ آخرڪار باليووڊ ۾ اقرباپروي چپ جو روزو ٽوڙي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ڪجهه عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ باليووڊ ۾ فنڪارن جي طرفان جنهن موضوع ته ڳالهايو ويو ته اهو موضوع اقرباپروري هو، جنهن تي اداڪارن پنهنجي راءِ ڏني ۽ هاڻ عاليا ڀٽ پڻ ان معاملي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. عاليا ڀٽ کان جڏهن پڇو ويو ته هن جو چوڻ هو ته اقرباپروري بابت ڪنهن اداڪار يا فنڪار جو بچاءُ ڪرڻ بي معنيٰ آهي ڇو ته باليووڊ جهڙي انڊسٽري ۾ اقربا پروري موجود آهي، اداڪارا چيو ته ڪجهه اداڪارن لاءِ اها جذباتي بحث بڻجي ويندي آهي جڏهن ته کين ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويندو جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه مون سان به ٿئي ته يقينن منهنجي دل به ٽٽي پوندي. اداڪارا چيو ته اقرباپروري هر هنڌ موجود آهي، بس ڪنهن لاءِ ان جو سٺو يا خراب وقت معنيٰ رکندو آهي، فلم انڊسٽري ۾ توهان کي ڏسندڙن کي محفوط ڪرڻو پوندو آهي جيڪو هڪ مشڪل ڪم آهي، هڪ سٺو نظر ايندڙ اداڪار اڪثر پوئتي رهجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ عام انسان طور نظر ايندڙ اداڪار پنهنجي بهترين اداڪاري سبب اڳتي نڪري ويندو آهي. اداڪارا پنهنجي مثال ڏيندي چيو ته هو پاڻ به هڪ جڳ مشهور هدايتڪار جي ڌيءَ آهي پر سندس پهرين فلم” اسٽوڊنٽ آف دي ايئر“ مونکي اڳتي وڌڻ ۾ تمام گهڻي مدد فراهم ڪئي پر محنت ڪرڻ به ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے