16 خميس , آگسٽ 2018

ايران ۾ زلزلي جا جهٽڪا، 300 ڄڻا زخمي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 300 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب ملڪ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن صوبن هرمزگان ۽ ڪرمان شاهه ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 9 ريڪارڊ ڪئي وئي. ڪيترن ئي گهرن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 300 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ايران جي هلال حمر سوسائٽي جي سربراهه مرتضيٰ سليمي موجب زلزلي جي شدت گهڻي نه هئي نه ته وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿئي ها. ڪجهه گهرن جي ڀتن ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ڪا به ڳڻتي جوڳي ڳالهه ناهي. امدادي ڪاروائيون جاري آهي، زخمين کي استپال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. ايران وڏي جغرافيائي فالٽ لائنز تي قائم آهي ۽ ويجهڙائي وارن سالن ۾ زلزلن سان ان کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. نومبر 2017 ۾ پڻ ايران۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ 7 ڏهائي 3 جي شدت سان زلزلو آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 620 ڄڻا فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The educational center in Afghanistan is outside the bustle, 60-year-old hunting

افغانستان ۾ تعليمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو، 60 ڄڻا اجل جو شڪار 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افعانستان جي گادي واري شهر جي تعيلمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 60 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے