21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نسل پرستي جي شڪار ٿيل جرمن فٽبالر اوزل ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Mesut Ozilبرلن(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر سان ملاقات تي تنقيد مان مايوس ٿي اسٽار فٽبالر مسعود اوزل جرمن فٽبال ٽيم کان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ترڪي ڄائي جرمن فٽبالر عالمي فٽبال تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي هڪ ڊگهو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن پاڻ پيش آيل نسلي پرستي واري واقعي و ذڪر ڪيو. مسعود اوزل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ابن ڏاڏن جو تعلق ترڪي سان آهي ۽ هن جون ٻه دليو آهن، هڪ ترڪي ۽ هڪ جرمني ۾ ڌڙڪندي آهي. جرمن فٽبالر ٻڌايو ته هن هلندڙ سال مئي ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ خيراتي تعليمي اداري بابت تقريب دوران ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي ۽ اها هن سان ٻي ملاقات هئي، ان کان اڳ هن سان 2010 ۾ برلن ۾ ترڪي ۽ جرمني جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کان اڳ ملاقات ٿي هئي. مسعود اوزل چيو ته هن جي ترڪ صدر سان گڏ تصوير کي جرمن ميڊيا گردش ڪرڻ لڳي ۽ ان کي مختلف رنگ ڏنو ويو، منهنجي حوالي سان مختلف ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ايتري حد تائين جو سندم کي ڪوڙو ۽ ٺڳ چيو ويو.  هن چيو ته ترڪ صدر سان ملاقات ڪرڻ ۾ سندس ڪو به سياسي ايجنڊا نه هو، جيڪڏهن ان موقعي تي ڪنهن به ملڪ جو صدر هجي ها ته ان سان ائين ملي هان جيئن رجب طيب اردگان سان مليس. ياد رهي ته 2018 جي عالمي ڪپ ۾ دفاعي چيمپئن جرمني جي ٽيم پنهنجي گروپ ميچن ۾ ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي هئي، جنهن بعد رانديگرن سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيا هئا ۽ خاص طور تي جرمن ميڊيا ۾مسعود اوزل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے