26 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته عوامي سمنڊ کي نه روڪي سگهندس: شهباز شريف

ملتان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته عوام جي سمنڊ کي نه روڪي سگهندس. ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اڳ به جيل ۽ هٿ ڪڙيون برداشت ڪيون، عوامي سمنڊ اڳيان مان گولي کائيندس پر توهان جو ووٽ محفوظ ڪندس. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ نواز شريف سان اهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي ڄڻ هن ملڪ دشمني ڪئي آهي، ٻئي پاسي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چيو ويو ته چونڊن کانپوءِ ڏسنداسين. شهباز شريف چيو ته حنيف عباسي خلاف رات 12 وڳي فيصلو ٻڌايو ويو، اليڪشن ڪميشن سندس تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪري سٺو ڪيو پر سڀني کي چونڊن کانپوءِ تاريخ ملي وئي ۽ حنيف عباسي کي پڪڙيو ويو. هن تحريڪ انصاف سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته الزام خان پشاور ميٽرو تي 40 ارب رپيا تباهه ڪيا پر ملتان ميٽرو بس توهان لاءِ تحفو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے