16 خميس , آگسٽ 2018

موجودا اليڪشن ڪميشن قانوني طور سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي: بئريسٽر علي ظفر

According to Nawaz Sharif, a prison maneuver, the facilities will be given as per: Syed Ali Zafarلاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت نگران وزير بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته موجودا اليڪشن ڪميشن قانوني طور سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ووٽر بهتر ڄاڻي ٿو ته کيس ڪنهن کي ووٽ ڏيڻو آهي، نگران حڪومت غير جابندار انداز ۾ ذميواريون نڀائي رهي آهي. هن چيو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي، ٽن سالن جي محنت سان اليڪشن ايڪٽ 2017 منظور ڪرايو ويو، نگران حڪومت ڊگهي عرصي تائين رهندڙ فيصلا ناهي ڪندي، چونڊن جا نتيجا وقت سر پهچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن. بئريسٽر علي ظفر چيو ته پرامن چونڊن لاءِ پاڪ فوج کي آئين تحت طلب ڪيو ويو، ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے