20 خميس , سيپٽمبر 2018

حنيف عباسي جي نااهلي کانپوءِ اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ن ليگ اميدوار حنيف عباسي جي نااهلي کانپوءِ اين اي 60 راولپنڊي ۾ چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن منشيات جي خاتمي واري عدالت ن ليگ اميدوار حنيف عباسي کي ايفيڊرين ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 60 راولپنڊي تان حنيف عباسي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان مقابلو ڪري ها، جنهن جي نااهلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ان سيٽ تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جي شيڊيول جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو، هڪ اميدوار جي ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ سمورين پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا نه ملي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے