21 جمعو , سيپٽمبر 2018

 نواز شريف کي جيل مينوئل موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن: سيد علي ظفر

According to Nawaz Sharif, a prison maneuver, the facilities will be given as per: Syed Ali Zafarاطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو آهي ته 25 جولاءِ تي عام چونڊن جي موقعي تي انتظام اطمينان جوڳا آهن، نواز شريف کي جيل مينوئل موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته اهو عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو.هن چيو تھ  حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪو اهڙو معاهدو نه ڪري رهي آهي جنهن جي ايندڙ حڪومت پابند هجي، ملڪ کي ايف اي  ٽي ايف پاران بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ هنن  ڪمٽمينٽ ڪئي.سيد علي ظفر چيو ته عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار خراج تحسين جا مستحق آهن ڇو ته اهي هارائڻ يا کٽڻ ٻنهي صورتن ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو اميدوار چونڊجي ايندو ان تي قومي اشوز جي حل جي تمام وڏي ذميواري هوندي. هن چيو ته آئين ۾ اليڪشن ڪميشن کي اهو ڪردار ڏنو ويو آهي ته اها ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائي ۽ نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته اها چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي قدمن کي عملي جامو پارائي.هن نگران حڪومت جي ذميوارين جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته نگران حڪومت ڪو اهڙو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي جيڪو لانگ ٽرم هجي ۽ ايندڙ حڪومت ان جي پابند هجي پر ٻئي طرف قانون اهو به چوي ٿو ته جيڪي ضروري ڪم هجن جن جي نه ٿيڻ سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان ٿيڻ جو خدشو هجي اهي ڪم نگران حڪومت ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے