19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز:وارهه: زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو چوٿين ڏينهن بھ احتجاج

warah: Fourth protesters protest against agricultural water shortage also protest وارهه ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين ٽوڙي شهرين   پاران  چوٿين ڏينهن به  احتجاج ڪيو ويو .

ڪنور شاخ،  حامد شاخ، نواب شاخ ، نصير شاخ،  پنا شاخ،  تنيا مائينر ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين نياز حيدري، محمد خان تنيو، بشير ميرجت، ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي آبادگارن ۽ هارين چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن  زمينون بنجر بڻجي ويون آهن

 هنن ٻڌايو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن چوپايو مال اڃ مري رهيو  ۽ هر طرف رڃ جا منظر نظر اچي رهيا آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے