20 خميس , سيپٽمبر 2018

ايئر سفاري ڪيس : سپريم ڪورٽ سي اي او پي آءِ اي کي 42 مهمان مسافرن جو ڪرايو ذاتي خرچ مان ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Air Safari Case: Court orders 42 civilian passengers to pay CEO to pay personal expenses

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان پي آءِ اي ايئر سفاري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سي اي او پي آءِ اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، سپريم ڪورٽ سي اي او کي 42 مهمان مسافرن جو  ڪرايو پنهنجي ذاتي خرچ مان ادا ڪرڻ  جو حڪم ڏيندي سندس مقرري جي جاچ نيب ڏانهن اُماڻي ڇڏي ۽ قومي ايئرلائن جي جهاز تان مارخور جي تصوير نه هٽائڻ تان سي اي او کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف  پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پي آءِ اي سفاري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سي اي او پي آءِ اي ٻيا پيش ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان پي آءِ اي جي سي اي او مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان ڪيتري پگهار کڻندا آهيو؟ جنهن تي پي آءِ اي سي اي او جواب ڏنو ته منهنجي 14 لک پگهار آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇو نه اهڙي آفيسر کي معطل ڪري ٻئي کي مقرر ڪيون، جنهن بعد عدالت سي اي او پي آءِ اي جي مقرري جي جاچ لاءِ نيب ڏانهن اُماڻي ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب سي اي او جي مقرري، پگهار ۽ مراعاتن جي جاچ ڪري، چيف جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته ايئر سفاري تي ڪير ڪير ويو، اجازت ڪنهن ڏني؟  جنهن تي پي آءِ اي جي سي اي او جواب ڏيندي چيو ته 112 مسافرن مان 42 مهمان هئا، چيف جسٽس سوال ڪيو ته انهن 42 مسافرن کان ڪرايو ورتو ويو؟ سي اي او پي آءِ اي چيو ته 42 مسافرن کان ڪرايو نه ورتو ويو. عدالت سي اي او کي 42 مهمان مسافرن جو ڪرايو ذاتي خرچ مان ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس پاڪستان جي قومي ايئر لائن تان مارخور جي تصوير نه هٽائڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته منع ڪيو هو ته مارخور جو نشانو هٽايو، ڪالهه اسلام آباد کان ڪراچي ايندي مارخور جو نشان ڏٺو. جنهن تي پي آءِ اي جي سي اي او چيو ته اسان کي ڪم نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته اسان جي ڪري ڪهڙو ڪم رڪيل آهي؟ سي اي او چيو ته اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، غلط ڪم ناهيون ڪري رهيا. چيف جسٽس چيو ته سفارش تي ڀرتي ٿي اهڙا ڪم ڪندا آهن، انهن جو معاملو به نيب ڏانهن اُماڻي رهيا آهيون. چيف جسٽس سوال ڪيو ته اسلام آباد کان سڪردو جو ڪرايو ڇو وڌايو ويو آهي؟ جنهن تي پي آءِ اي اختيارين چيو ته اسلام آباد کان سڪردو جو ڪرايو 12 هزار 300 رپيا آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪرائي تي نظرثاني ڪئي وڃي. چيف جسٽس سي اي او پي آءِ اي کان سوال ڪيو ته 42 مهمان مسافرن جي چونڊ ڪنهن ڪئي؟ انهن 42 مسافرن جو ڪرايو پاڻ ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے