26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز:ڏهرڪي: چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندس: علي گوهر مهر

Elections in the election will solve the problems of the people. Ali Gohar Mahr سنڌ اسيمبلي  جي تڪ پي ايس 19 جي اميدوار علي گوهر مهر چيو ته هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندو .

ڏهرڪي جي سومرا چوڪ تي ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي علي گوهر مهر چيو ته صنعتي علائقو هجڻ باوجود  هتان جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن .

 هن چيو ته پ پ کي هاڻي عوام طرفان ڪا به موٽ نه ملي رهي آهي هن ڀيري مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي .

 هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب هتان جا ماڻهو، صحت ، تعليم ، روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن

هن چيو ته پ پ جي چونڊيل نمائندن عوام جي خدمت ڪرڻ بدران رڳو پنهنجا بڀ ڀريا جنهن ڪري هتان جي ماڻهن جي حالت ابتر آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-25

*ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج *ٺٽو: پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے