20 خميس , سيپٽمبر 2018

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪارورايون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons handڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيارهٿ ڪري ورتا. تفصيل موجب رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي باقراڻي ۾ انتهائي گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڇاپي دوران جوابدار غلام قادر گرفتار جڏهن ته اعجاز ابڙو ساٿين سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. رينجرز ترجمان موجب مفرور جوابدار اعجاز ابڙو، قتل، مقابلن ۽ زمينن تي قبضن سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي، اعجاز ابڙي جي ٺڪاڻي تان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. هٿيارن ۾ ايس ايم جيز، 22 بور رائفل، پسٽل ۽ گوليون شامل آهن. رينجرز ضلعي خيرپور ۾ به اهم ڪاروائي ڪندي جوابدار عرفان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هن وٽان مختلف قسمن جا هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. رينجرز ترجمان موجب روهڙي جي علائقي سنگرار روڊ تي پڻ ڪاروائي ڪئي وئي، جتان جوابدار صدرالدين کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار وٽان ايس ايم جي، ميگزين ۽ 25 رائونڊ هٿ ڪيا ويا. جڏهن جوابدار وٽان هڪ ڪار، نان ڪسٽم پيڊ ۽ جعلي نمبر پليٽ پڻ هٿ ڪئي وئي. ان کانسواءِ رينجرز ڪراچي جي علائقي گبول ٽائون ۾ ڳجهن اطلاعن تي اهم ڇاپا مار ڪاروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …