23 آچر , سيپٽمبر 2018

عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ تي چونڊون ڪالعدم قرار ڏبيون: اليڪشن ڪميشن

The elections should be held on the basis of preventing voting from women: ECPاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته جن علائقن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويندو انهن علائقن ۾ چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي سگهجن ٿيون.اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ وارين معاهدن جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته جنهن تڪ ۾ به عورتن جي ووٽنگ جو ريشو 10 سيڪڙو کان گهٽ ٿيو ته اتان جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏنا ويندا.بلوچستان جي اليڪشن ڪمشنر نياز بلوچ چيو ته اليڪشن ايڪٽ تحت عورتن کي راءِ جو حق ڏيڻ کان روڪڻ ڏوهه آهي، صوبي ۾ عورت ووٽرن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ رجسٽرڊ عورت ووٽرن جو انگ 18 لک 22 هزار 252 آهي.ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪمشنر خيبرپختونخواهه پير مقبول احمد جو چوڻ آهي ته عورتون گهرن کان نڪرن ۽ پنهنجي حق جي راءِ ڏيڻ جو ڀرپور استعمال ڪن ۽ جيڪڏهن عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو ته 3 سال قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے