25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

حنيف عباسي خلاف ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري

Hanif Abbasi against the Abbottabad Kotta case issued a verdictروالپنڊي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفڊرين ڪوٽا ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪيوويو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب ايفيڊرين ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي کي عمر قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، عمر قيد جي سزا قلم 9 سي جي تحت ٿي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ حنيف عباسي کي وڌيڪ ٻه ورهيه قيد ڀوڳڻي پوندي، جڏهن ته حنيف عباسي کي عدالت واري ڪمري مان گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. لکت واري فيصلي موجب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي کي منشيات ٽوڙ ايڪٽ 16 تحت به سزا ٻڌائي وئي، حنيف عباسي کي قلم 16 جي تحت 1 سال قيد ۽ 5 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته قلم 16 تحت ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي کيس هڪ ميهنو وڌيڪ سزا ڪاٽڻي پوندي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفيڊرين ڪيس ۾ ٻئي سزائون هڪ ئي وقت شروع ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني اسٽارٽ اپ عالمي ايوارڊ کٽي ورتو

شنگهائي (ويب ڊيسڪ) صحت بابت پاڪستاني اسٽارٽ اپ ”مرهم“ شنگهائي ۾ ٿيندڙ گوگل ڊيمو ڊي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے