23 آچر , سيپٽمبر 2018

سرينگر: ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 3 ڪشميري شهيد

Srinagar: Three Kashmiri martyrs due to the firing of the Indian Armyسرينگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جي قابض فوج ڪلگام ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪندي 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. فوج نوجوان جي شهادت بعد ڪشيدگي کي نظر ۾ رکندي علائقي کي مڪمل طور تي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻيندي انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڀارتي فوج هلندڙ مهيني جي شروعات تي ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻ برهان واني جي ٻي ورسي کان اڳ ئي علائقي ۾ ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ ان دوران  به ٽن ڪشميرن کي شهيد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے