19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪو: پي ٽي آءِ اميدوار اڪرام الله گنڊاپور سميت 3 ڄڻا زخمي

Bomb blast in DI Khan: Three injured, including PTI-I-Haq Akramullah Gondapurڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اڪرام الله گنڊاپور جي جي ڪار ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر(ڊي پي او) موجب تعلقي ڪلاچي تان صوبائي سيٽ لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار سردار اڪرام الله گنڊاپور جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ اڪرام الله سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڊي پي او جو چوڻ آهي ته اڪرام الله گنڊاپور کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته زخمين ۾ سندس ڊرائيور پڻ شامل آهي. ڪلاچي ڌماڪي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهري هيٺ آڻيندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.  شروعاتي اطلاعن موجب اڪرام الله گنڊاپور پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو ته سندس ڪار ڀرسان زوردار ڌاماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي واري هنڌ تي هڪ انساني ڌڙ ۽ ڄنگهون پڻ موجود آهن. ياد رهي ته اڪرام الله گنڊاپور صوبائي اسمبلي جي تڪ پي ايس 99 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے