23 آچر , سيپٽمبر 2018

سانگهڙ ۽ سيوهڻ ۾ اي آر اوز طرفان پوسٽل بيلٽ پيپر کولڻ جي ڪوشش، ڇهه آفيسر گرفتار

Efforts of postponement of postal ballot paper by ARRO in Sanghar and Sehwan arrested six officersسانگهڙ(ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۽ سيوهڻ ۾ اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسرن(اي آر اوز) پوسٽل بيلٽ پيپر کولڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه  پولنگ آفيسر گرفتار ڪيا ويا. سيڪريٽري اليڪشن ڪيمشن اي آر او جي پوسٽل پيپر کولڻ جي ڪوشش واري واقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سان رابطو ڪري ورتو. سنڌ جي نگران وڏي وزير سيوهڻ جي تڪ پي ايس 80 تي پوسٽل بيلٽ پيپر کولڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي سي ۽ ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪندي تُرت جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.وڏي وزير جي ترجمان موجب نگران وڏي وزير جي نوٽيس تي ايس ايس پي ڇهن پولنگ آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسر قربان ميمڻ، محمد صالح، عابد علي، محمد اسلم، غلام مصطفيٰ ۽ عبدالعزيز شامل آهن. ان حوالي سان سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ روشن ٻرڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو سيوهڻ جي تڪ پي ايس 80 اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسر قربان ميمڻ جي آفيس ۾ اچتو ويو ته اُتي قربان ميمڻ سان گڏ پرائمري ٽيچرز ايسوسي ايشن جي صدر عزيز راهپوٽو موجود هو ۽ اي آر او جي ميز تي پوسٽل بيلٽ جا لفافا موجود هئا. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙي الزام لڳائيندي چيو  ته اي آر او قربان ميمڻ پوسٽل بيلٽ پيپر تي من پسند اميدوار جو نالو لکي رهيو هو. جنهن بعد ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر واقعي جو نوٽيس وٺندي اي آر او قربان ميمڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوسٽل بيلٽ پيپرن جا لفافا اي آر او قربان ميمڻ جي ٽيبل تي پيل مليا، جنهن سبب پوسٽل بيلٽ پيپرن وارو مرحلو شڪي بڻجي ويو آهي. جنهن بعد سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڪارڪنن سيوهڻ ۾ اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسر خلاف احتجاج مظاهرو پڻ ڪيو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن جي سلسلي ۾ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، عام چونڊن لاءِ 22 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇپايا ويا آهن ۽ پهريون ڀيرو سيڪيورٽي فيچرن تي ٻڌل بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے