21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چونڊ مهم آخري مرحلي ۾ داخل، سياتي جماعتن جا مختلف شهرن ۾ جلسا

Inserted in the last phase of the campaign, the Sati national parties got involved in different citiesلاهور(ويب ڊيسڪ) سياسي جماعتن وٽ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ 2 ڏينهن باقي بچا آهن جنهن کي نظر ۾ رکندي مختلف شهرن ۾ مختلف سياسي جماعتن چونڊ پنڊال سجائي ورتا آهن. مسلم ليگ ن جي طرفان اڄ ملتان جي ڪامرس گرائونڊ ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو ۽ پارٽي صدر شهباز شريف جلسي کي خطاب ڪندو. تحريڪ انصاف اڄ ڪراچي سياسي قوت جو مظاهرو ڪندي،.ڪراچي جي مخلتف علائقن کي پي ٽي آءِ جي جهنڊن ۽ بينرن سينگاريو ويو آهي جڏهن ته ڪارڪن پرجوش نظر اچي رهيا آهن .ذريعن وٽان مليل ڄان موجب شام 6 وڳي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جناح باغ ۾ جلسي کي خطاب  ڪندو .ڪراچي ائير پورٽ تي عمران خان جي شاندار استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پيپلز پارٽي سيوهڻ ۾ عوامي رنگ ڄمائيندي جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو. سيوهڻ شريف کي پ پ جي جهنڊن ۽ بينرن سان سنيگاريو ويو آهي جڏهن ته ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو شروع  ٿي ويو آهي .بلال ڀٽو زرداري جي قلندر جي نگري ۾ آمد تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي وڏي انگ ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته سيوهڻ جي تڪ تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايس يو پي چئيرمين سيد جلال محمود شاهه سان چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے