22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: پهريون دفعو داعش جي موجودگيءَ کي تسليم ڪيو ويو آهي: عبدالخالق علي

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali*نامياري صحافي ۽ تجزيه ڪار عبدالخالق علي چيو آهي ته ملڪ ۾ دائش جي موجودگي ڪا نئين ڳالهه ناهي پر اهو پهريون دفعو آهي جو داعش جي موجودگيءَ کي تسليم ڪيو ويو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هُن عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ٽيون رخ ۾ميزبان زاهد ميراڻيءَ سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ اهو امڪان رد  نه ٿو ڪري سگهجي ته ملڪ جي عام چونڊن دوران ڪا بدامني يا ڌماڪو ٿئي.

پروگرام ۾ڳالهائيندي عوامي جمهوري پارٽيءَ جي اڳواڻ عبدالرشيد سڌايو چيو ته سنڌ ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو ماڻهو پيپلز پارٽي توڙي جي ڊي اي جي اميدوارن کان پڇاڻو ڪري رهيا آهن.

هُن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کان اهي ماڻهو پڇاڻو ڪري رهيا آهن جيڪي ماضيءَ ۾ قومپرست سياست سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ وري جيڪي اميدوار پيپلز پارٽيءَ جي سامهون آيا آهن اهي به قوم پرست پارٽين سان تعلق رکن ٿا.

عوامي آواز ٽي وي اسلام آباد جي بيوروچيف مدثر راجپوت چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي رسڪ سبب تقريبا 60 سياستدانن جي حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گهوٽڪي: مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. مرڪزي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے