16 خميس , آگسٽ 2018

ٿر ۾ پاڪستان جو جهنڊو پيپلز پارٽي جي ڪري ڦڙڪي رهيو آهي: بلاول ڀٽو

We will solve public problems in Nangarparkar, PPP: Bilawalٿر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر ۾ پاڪستان جو جهنڊو پيپلز پارٽي جي ڪري ڦڙڪي رهيو آهي. ٿر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو ڀارت کان جنگي قيدي ۽ ٿر جي سرزمين ورتي هئي. بلاول جو چوڻ هو ته اسان سنڌ حڪومت جي مدد سان ٿر ڪول جو منصوبو بڻايو جيڪو ملڪ ۾ توانائي جي بحران جي حل لاءِ نهايت اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي ۽ وفاقي حڪومت بڻائي غربت جي خاتمي جو پروگرام سڄي ملڪ ۾ ڦهلائيندي ۽ خوراڪ جي کوٽ، بک ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سامهون هميشه ڪٺ پتلي اتحاد بيهاريا ويا جيڪي عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهيا. اهي حڪومتون ڪير ٻيو هلائيندو آهي ۽ ڪم ڪير ٻيو ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے