16 خميس , آگسٽ 2018

نقيب قتل ڪيس جو جوابدار رائو انوار آزاد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت طرفان رائو انوار جي آزادي جي حڪمن تي صحيح ڪرڻ کان سواءِ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ٻن ڪيسن ۾ رائو انوار جا ريليز آرڊر جاري ڪري ڇڏيا هئا جنهن تي عملدرآمد ڪندي کيس آزاد ڪيو ويو. نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار معطل ايس ايس پي رائو انوار جي ڪوڙي پوليس مقابلي، ڌماڪيدار مادو رکڻ ۽ غير قانوني هٿيار ڪيس ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي. دهشتگردي جي عدالت جوابدار جي هڪ ضمانت 10 جولاءِ ۽ ٻي 20 جولاءِ تي منظور ڪئي جڏهن ته 10-10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  جوابدار طرفان ضمانت مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت رائو انوار جي آزادي جي حڪمن تي صحيح ڪري ڇڏي. عدالت جي صحيه بعد جيل اختيارين کي رائو انوار جي ٻنهي ڪيسن ۾ آزادي جو حڪم نامو اڄ ئي موڪليو ويندو. عدالت طرفان رائو انوار کي جيل موڪلن جي حڪمن بعد گهرو کاتي سندس گهر کي ئي سب جيل قرار ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے