19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر : ضلعي ۾102 پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنل آهن: ڪمشنر لاڙڪاڻو/ڊي سي قمبر

Qambar: The 102 polling stations have been declared sensitive in the district: Commissioner Larkana / D.C. Qambar*ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ ڊي سي قمبر جو چوڻ آهي ته قمبر ضلعي ۾102 پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنل آهن، جتي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايون وينديون.

ڊي سي آفيس قمبر ۾ڪمشنر لاڙڪاڻو نويد احمد شيخ ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر محمد ذيشان حنيف  ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هو قمبر ضلعي جي مختلف پولنگ اسٽيشن جا دورا ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 102 پولنگ اسٽيشن حساس ڪرار ڏنل آهن، جن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪيون وينديون، جن ذريعي صبح 7 وڳي کان رڪارڊنگ جو عمل شروع ٿيندو جيڪو پولنگ خرم ٿيڻ تائين جاري رهندو.

سندن چوڻ هو ته هر پولنگ اسٽيشن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا، پولنگ اسٽيشن تي بجلي، پاڻي يا ٻيون زروري شيون گهربل هونديون اتي مهيا ڪيون وينديون.

هنن چيو ته سڀني کي گهرجي ته ظابطه اخلاق تي عمل ڪيو وڃي، جيئن پولنگ جو عمل بهتر ٿي سگهي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے