16 خميس , آگسٽ 2018

گارين ۽ سازشن باوجود پنجاب ۾ ن ليگ ڪامياب ٿيندي: خواجه سعد

Even if there is a serious objection, Imran Khan has not objected to any objection: Saad Rafiqueلاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت کي درخواست آهي ته هوش کان ڪم وٺي ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ کان روڪي، سياستي ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن، اليڪشن ۾ جنگ نه اسان چاهيون ٿا ته پولنگ وارو ڏينهن پرامن رهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته  عوام نظرياتي بنيادن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پهريون ڀيرو اهو ٿي رهيو آهي ته چونڊ مهم ۾ شڪايتن کي منهن نه ڏئي رهيا آهيون، گارين ۽ سازشن باوجود پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جو ووٽ بئنڪ نه ٽٽو آهي، گارين جي سياست ڪجهه نه ڏيندي آهي. هن چيو ته چونڊ مهم هاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جي قيادت کان درخواست آهي ته هوش کان ڪم وٺي ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ کان روڪي، اسان جي ڪارڪنن کي ماريو ويو، جنهن خلاف درخواست ٿاڻي ۾ ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته اين اي 131 تي عمران خان کي شڪست ڏينداسين، مسلم ليگ ن لاهور جي سمورن تڪن تان ڪاميابي حاصل ڪندي. خواجه سعد رفيق چيو ته 25 جولاءِ تي عوام رڳو شينهن کي ووٽ ڏيندو، سياسي ۾ مڪي جو جواب مڪي سان نه ڏنو ويندو آهي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چونڊ خرچن جو نوٽيس وٺي، سندن چونڊ خرچ ڪيترا آهن؟  خواجه سعد رفيق چيو ته هڪ ئي رات ۾ 30، 30 هزار بينر لڳايا پيا وڃن، پي ٽي آءِ پنهنجي جلسن ۾ ٻاهران ماڻهو گڏ ڪري رهي آهي، پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ جيڪي شرط رکيا ويا آهن تنهن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي، سياسي ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے