16 خميس , آگسٽ 2018

گهرو وزارت اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو سيڪريٽري اسحاق ڊار جي پرڏيهه مان گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد اسحاق ڊار جي گرفتاريءَ جو ڪيس انٽرپول کي موڪليو ويو آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ مسلسل غير حاضري کانپوءِ سپريم ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي انٽرپول ذريعي واپس آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تي عملدرآمد ڪندي ايف آءِ اي انٽرپول کي اسحاق ڊار جي لنڊن مان گرفتاري ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي جنهن لاءِ گهرو وزارت اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گهرو سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ اسحاق ڊار جي گرفتاريءَ جو ڪيس انٽرپول کي به موڪليو ويو آهي. انٽرپول سيڪريٽري جنرل کي اسحاق ڊار جي گرفتاريءَ جو ريفرنس موڪليو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے