25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: چاچڙ برادري جو پوليس طرفان سندس ٻن نينگرن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

Sukkur: Chachar community protest against police *سکر ۾ چاچڙ برادري جي ماڻهن پوليس طرفان سندس ٻن نينگرن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

 مدينه ڪالوني جي چاچڙ برادري جي ماڻھن پوليس جي ظلم خلاف  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا  آڏو داهيندي  چيو تھ  آباد ٿاڻي جي پوليس بلاجواز 12 ورھين جي سليم چاچڙ  ۽ 15ورھين  جي محمد چاچڙ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي.

 ھنن چيو ته پوليس ھر روز سندن  ماڻھن کي تنگ ڪري ٿي جڏھن ته  هو ڪنهن بھ ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهن.

احتجاج ڪندڙن ٻڌايو تھ  پوليس سندن ٻن نوجوانن کي بنا جواز  کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن چيو تھ کين خدشو آهي تھ پوليس سندن نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ نھ ڪرائي ڇڏي.

چاچڙ برادري جي ماڻهن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ پوليس جي اهڙي عمل جو نوٽِس وٺي سندن نوجوانن کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے