16 خميس , آگسٽ 2018

عام چونڊ 2018ع: بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊ 2018ع جي سلسلي ۾ بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس کي معطل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب پشين، قلعي عبدالله ۽ مستونگ ۾ اڄ کان 31 جولاءِ تائين انٽرنيٽ سروس معطل رهندي جڏهن ته آواران، ڪيچ ۽ قلات ۾ سروس فيبروري 2017 کان معطل آهي. پي ٽي اي موجب انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سان اليڪشن ڪميشن جي آر ٽي ايس سروس متاثر ٿيندي. انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سان اليڪشن ڪميشن جي ووٽر صديقي سروس به متاثر ٿيندي، سروس گهرو وزارت جي هديات تي معطل ڪئي وئي آهي. پي ٽي اي اليڪشن ڪميشن کي انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے